ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ گلشن معمار جي علائقي جنجال ڳوٺ ۾ واٽر بورڊ جو ملازم 45 سالن جو نوجوان مورو واسي رستم سومرو قتل ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملندي ايس ايس پي اولھ حفيظ الرحمن بگٽي واقعي واري ھنڌ پھچي ويو،هن جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جي کيسي ۾ موبائل فون ۽ رقم به موجود آهي.