لاهور(بيورو)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم رحمان اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ جي فلسطين کي تسليم ڪرڻ واري تاريخي فيصلي کي ساراهيندي ٽنهي يورپي ملڪن جي وزيراعظمن کي خط لکي کين مبارڪباد ڏني ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سندن حڪومتن جا قدم فلسطيني مسئلي جي پرامن حل، فلسطيني عوام جي آزادي ۽ اسرائيلي قبضي جي خاتمي لاءِ اهم اڳڀرائي آھي،هن چيو ته حق خوداراديت ۽ آزادي فلسطين جي عوام جو حق آهي، هوڏانهن حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي رفح ۾ اسرائيلي بربريت خلاف اڄ(جمعي ڏينهن ) سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ڏهاڙو ملهايو ويندو. سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جلسا ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون، هن چيو ته مسلمان حڪمران ۽ خاص ڪري پاڪستان جا حڪمران ان ظلم تي خاموش آهن.