ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس وصولي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،عدالت ميئر ڪراچي جي ٽيڪس وصولي واري ڪانٽريڪٽ تي نظرثاني جي خاطري تي درخواستون اڪلائي ڇڏيون،عدالت چيو ته ميونسپل ٽيڪس جي معاهدي ۽ طريقي جي ٻيهر جاچ ڪئي وڃي، عدالت ۾ خاطري ڪرائي وئي ته ڪي اليڪٽرڪ سڌو سنئون ميونسپل ٽيڪس نه ڪٽيندي. ميئر ڪراچي چيو ته ٽيڪس وصولي لاءِ ميونسپل ڪائونسل جي ميمبرن تي ٻڌل خاص ڪميٽي جوڙي ويندي،جڏهن ته ٽيڪس10 هزار کان گهٽ ادا ڪندڙ شهرين تي لاڳو نه ڪيو ويندو.عدالت ماهوار 300 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفن کي رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺيان دٻيل آهن،عدالت ٽن مهينن جي مهلت ڏني ته معاهدي تي نظرثاني ڪري نئين سر ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي