اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهه فرار ٿيل عادل راجا جي پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي جا ايڪس ۽ فيس بڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن. پي ٽي اي ڪجهه عرصو اڳ اهو معاملو ايڪس ۽ فيس بڪ وٽ اٿاريو هو ۽ ٻڌايو هو ته عادل راجا ملڪ کان ٻاهر ويهي غير قانوني نموني ايڪس ۽ فيس بڪ اڪائونٽ استعمال ڪري رهيو آهي، پي ٽي اي جي درخواست تي ٻنهي اڪائونٽس کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.