تنگواڻي ( رپورٽ: مهتاب ملڪ ) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد مال چوري تان هٿياربندن جي فائرنگ هڪ ڄڻو قتل عورت سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ مير حسن جعفري ۾ هٿياربندن پاران ڌنارن کان چوپايو مال ڦر، ڀاڳين پاران هٿياربندن جو پيڇو ڪرڻ تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سليمان جعفري قتل عورت سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ بابو جعفري، شفيح محمد جعفري، ڪرمان جعفري، علي محمد نندواڻي، جاويد نندواڻي سميت هڪ عورت شامل آهن، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي ڪرمپور اسپتال آندو ويو ، قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ۾ ڪهرام متل آهي .