ادارا ميڊيا کي جبري گمشدگين بابت ڳالهائڻ کان روڪين ٿا:حامد مير

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جي هدايت تي سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير جبري گمشدگين واري معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، حامد مير عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ لکيو آهي ته جسٽس محسن اختر ڪياني 25 مئي 2024 جي پنهنجي حڪم نامي جي ذريعي جبري گمشدگين جي ڪيسز تي رپورٽنگ ڪئي ۽ رپورٽنگ جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرن بابت منهنجي راءِ پڇي، معزز عدالت ڄاڻڻ چاهي ٿي ته اهڙي قسم جي رپورٽنگ سان شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ۽ ڇا اهڙو ڪو قانون آهي جنهن ۾ جبري گمشدگين جي ڪيسن جي رپورٽنگ کي روڪيو وڃي . جبري گمشدگين جي رپورٽنگ هر سچي صحافي جو فرض آهي. هي رپورٽنگ ان خوف جي رڪاوٽن کي ٽوڙيندي آهي، جيڪي جبري گمشدگين جي معاملن ۾ موجود آهن، مان گذريل 35 سالن کان هڪ متحرڪ صحافي آهيان  ۽ مان ڏٺو آهي ته ڪيئن ڪجهه طاقتور رياستي ادارا ميڊيا کي جبري گمشدگين بابت ڳالهائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن رياست اندر هڪ رياست جنهن کي آرٽيڪل 10 جو ڪو به احترام ناهي. آئين جي هن آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به شخص کي گرفتار ڪيو وڃي يا ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري طرفان حراست ۾ ورتو وڃي، گرفتاري جي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مان ان ڪيس جو شاهد آهيان، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ آءِ جي بلوچستان ميجر جنرل عبيدالله خٽڪ کي طلب ڪيو ۽ ڪوئيٽا ۾ ايف سي ٽن بلوچ شاگردن جي گرفتاري جا سي سي ٽي وي فوٽيج هلايا.پيمرا ضابطا اخلاق اهو به واضح ڪري ٿو ته عدالتن ۾ التوا وارن ڪيسن کي بامقصد طريقي سان نشر ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته گمشدگين تي آئيني ۽ قانوني پابندي جي باوجود ان تي عمل نه ٿيڻ سبب ان معاملي جو بار عدالتن جي ڪلهي تي اچي ويو آهي، آئين جي آرٽيڪل 10 تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.