ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ اورنگي ٽائون ۾ واپاري شاڪر جي گهر تي پوليس پاران ڦر وارو ڪيس ۾ عدالت ڊي ايس طارق باجاري، ايس ايس پي عمران قريشي ۽ ٻين جي بريت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ،ٽبوت نه هجڻ جي ڪري عدالت ايس ايس پي عمران قريشي، ڊي ايس پي عمير طارق باجاريءَ ۽ ٻين جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت ۾ ڪيس جو فريادي واپاري شاڪر چيو ته پوليس اهلڪارن منهنجو بيان دٻاءُ هيٺ ورتو هو.عدالت ڊي آءِ جي ويسٽ عاصم قائمخاني جي انڪوائري کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيوآهي .ڊي آءِ جي ويسٽ عاصم قائم خاني طارق عمير باجاري کي واقعي ۾ ملوث قرار ڏنو هو.عدالت اعليٰ اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڊي آءِ جي اولهه جي غلط انڪوائري رپورٽ جي جاچ ڪئي وڃي.جوابدارن تي واپاري جي گهر مان ڏيڍڪروڙ کان وڌيڪ جي ڌاڙي جو الزام آهي .واقعي جو ڪيس ڪراچي جي اولھ ضلعي جي پيرآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.