نيب آرڊيننس ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم مناسب ناهن: رضا رباني

اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني پنهنجي پارٽي سان تعلق رکندڙ وقتي صدر يوسف  رضا گيلاني پاران نيب ترميمي آرڊيننس ۽ اليڪشن ڪميشن ترميمي ايڪٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ رضا رباني چيو ته وقتي صدر يوسف رضا گيلاني نيب ترميمي آرڊيننس ۽ اليڪشن ڪميشن ترميمي ايڪٽ جي منظوري ڏني پر ان اهي جاري ڪرڻ جا سبب نه ٻڌايو. هن چيو ته نيب آرڊيننس تحت رمانڊ جي مدي کي 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪرڻ مناسب ناهي، نيب آفيسرن جي سزا 5 سالن کان گهٽائي 2 سال ڪرڻ غير منطقي آهي. هن چيو ته اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽائرڊ ججن کي شامل ڪرڻ آزاد عدليه لاءِ وڏو ڌڪ آهي. رضارباني خبردار ڪيو ته گذريل هفتي تائين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس هلي رهيا هئا، پارليامنٽ کي نظرانداز ڪري آرڊيننس جاري ڪرڻ سان ڪمزور پارلياماني نظام وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.