اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪنهن جي تذليل ڪرڻ وارا رمارڪس نه اچڻ گهرجن، حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي،هڪ سياسي جماعت پابندي ڏانهن وڃي رهي آهي، هتي ڪنهن کي به ملڪ جي ڳڻتي ناهي،اسان سياستدانن خلاف جيڪو ڪجهه ٿيڻو هو اهو ٿي چڪو آهي، هاڻي ته ماڻهن جون فائلون ۽ وڊيوز به اينديون، جيڪي ماڻهو جارحاڻي اننگز کيڏي رهيا آهن انهن جون آڊيوز ۽ وڊيوز اينديون،هن چيو ته 9 مئي کان 1971ع جهڙا معاملا ٿي رهيا آهن،ملڪ ۾ پٺڀرائي جو کيل کيڏيو پيو وڃي.