اسلام آباد(عمر چيما+رئوف ڪلاسرا+سهراب برڪت) پي ٽي آءِ چيئرمين عالمي سطح تي ناليواري اينڪر مهدي حسن کي انٽرويو ڏنو آهي، لکت ۾ ڏنل سوالن جا جواب لکت ۾ ڏنا ويا، جنهن ۾ عمران خان چيو آهي ته اسان جي سڀ کان وڏي غلطي جنرل باجوا تي ڀروسو ڪرڻ ۽ کيس ملازمت مدي ۾ واڌ ڏيڻ هئي،مون کي جيل بيرڪ ۾ ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، قيد تنهائي جو شڪار آهيان،اهڙي سيل ۾ رکيو ويو آهي جيڪا دهشتگردن لاءِ مختص ڪيل هوندي آهي،مون کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، مون مٿان اعصابي هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، مون کي الله تي يقين آهي، منهنجو عزم ٽوڙي نٿو سگهجي،هن چيو ته مان هتي ڪتاب پڙهندو آهيان، ورزش ڪندو آهيان، مان پنهنجي پاڻ کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته مون کي 11 مهينن جي قيد دوران سوچڻ غور ڪرڻ جو موقعو مليو،نتيجو اهو نڪتو آهي جيڪي به مشڪلات آهن ان جو ذميوار جنرل باجوا آهي، ان کان علاوه ڪو ٻيو ذميوار ناهي،جنرل باجوا ڪوڙ ڳالهائي عالمي سطح تي مون خلاف لابنگ ڪئي،هن ايڪسٽينشن وٺڻ پئي چاهيو،جنرل باجوا ان ڳالهه جو احساس نه ڪيو ته ان ڳالهه جو پاڪستان ۽ جمهوريت کي نقصان ٿيندو،عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا بائيڊن انتظاميا توهان جي حڪومت ڪيرائي آهي جنهن تي هن وراڻيو ته جنرل باجوا اڪيلي سر اها سازش رٿي هئي،هن آمريڪا ۾ اها لابنگ ڪئي ته مان آمريڪا سان سٺا لاڳاپا رکڻ نٿو چاهيان،منهنجي لاءِ آمريڪا مخالف جو ماحول بڻايو ويو،هن چيو ته باجوا ئي آمريڪا ۾ وڃي ٻڌايو ته روس جو دورو ڪرڻ عمران خان جو پنهنجو فيصلو هو،حالانڪه روس جي دوري جو فيصلو گڏيل هو،طاقت ۽ اقتدار لاءِ جنرل باجوا جي هوس اڳڪٿي ڪرڻ کان وڌيڪ هئي،جنرل باجوا سڀ کان وڏو ڪوڙو آهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو،جنرل باجوا جيڪو زهر پکيڙيو آهي اهو ننڍي مدي وارو ته ٿي سگهي ٿو پر ڊگهي مدي تائين اثر نه ڏيکاريندو،هن چيو ته جڏهن منهنجي حڪومت ختم ڪئي وئي ان کانپوءِ مون ڪنهن ملڪ جو نالو ناهي کنيو، گهڻا ملڪ منهنجي حوالي سان سٺي راءِ رکندڙ هئا،هن چيو ته دنيا کي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، اسان جو مينڊيٽ ڏينهن جي روشني ۾ چوري ڪيو ويو آهي،هي حڪومت قانوني ناهي، مان عوام سان ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهان، آئون ڪڏهن به جهڪڻ وارو ناهيان،مان عوام کي ٻڌايو ته توهان ڪيڙا ماڪوڙا ناهيو،اسان ڪامياب ٿينداسين،هن چيو ته رڳو منهنجو مسئلو ناهي،هتي 25 ڪروڙ عوام کي يرغمال بڻايو ويو آهي، اسان مٿان ظلم ڪيو ويو، ان تي دنيا خاموش آهي،ٽوئيٽر تي پابندي آهي،انٽرويو ۾ عمران خان رجيم چينج بابت آمريڪا تي لڳايل الزامن کي ورجائڻ کان پاسو ڪيو آهي، ان انٽرويو جا تفصيل ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندا،