سڪرنڊ( ن ع آ) سنڌ جي بهادر ۽ بيباڪ صحافي ۽ عوامي آواز مير پور ماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عوامي آواز ميڊيا گروپ سڪرنڊ ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سندس تصوير تي گل نڇاور ڪري ۽ ميڻ بتيون ٻاري سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مير محمد ڪيريو، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ عوامي آواز سڪرنڊ جي رپورٽر راجڪمار اوڏ، اڳوڻي صدر مسعود عمراڻي ۽ سينيئر نائب صدر گل محمد لغاري، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اليڪشن چيئرمين عبدالصمد گبول، عبدالحميد آرائين، هيومن رائيٽس جي محمود مصطفٰى مگسي، ايس ٽي پي جي سليم مگسي، شبير احمد راجپوت، جسم جي منور عمراڻي، مشتاق لغاري ۽ خير محمد لاکو ڳالهائيندي چيو ته سچ هميشه سوليءَ تي لٽڪايو ويو آهي. جنهن به حق ۽ سچ جو نعرو هنيو آهي ۽ ھن ڀوتارڪي سسٽم خلاف للڪار ڪئي آهي، ان کي شهيد ڪيو ويو آهي.