اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي اصل مالڪ آهي:صدرالدين شاهه

ڪراچي(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس چيو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي، سياسي رواداري کي ختم ڪري مخالفن  کي نشانو بڻايو پيو وڃي، بوگس چونڊن ذريعي ايندڙ حڪومت کي رد ڪيون  ٿا، اهڙو اظهار جي ڊي اي جي سربرارهه پير  پاڳاري جي سربراهي ۾ ٿيل  اجلاس بعد جي ڊي اي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد صدرالدين شاهه، اياز لطيف پليجو ۽ سردار رحيم گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،  هنن چيو ته حڪومت جو ڪو پتو ئي نه آهي، لڳي ٿوته مڊل ڪلاس ختم ٿي رهيو آهي، جي ڊي اي اڃا تائين قائم آهي ۽ متحد آهي، اسان مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪنداسين، موجودهه نظام کي قبول نه ٿاڪريون، جدوجهد جاري رکنداسين، هي ڪرمنلز جون اسيمبليون آهن، هنن چيو ته سياسي پارٽيون موجوده نظام خلاف سراپا احتجاج ۽ پارلياماني معاملن کان ٻاهر آهن، عوام جي مسئلن تي آواز اٿارينداسين، سنڌ ۾ بحراني ڪيفيت آهي، سياسي ماڻهن کي انتقامي ڪاروائين جونشانو بنايو پيو وڃي، سنڌ ۾ رواداري ختم ڪئي وئي آهي، سانگهڙ، ڪراچي، لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ مخالفن جي گهرن کي بلڊوز ڪري نشانو بڻايو پيووڃي،  ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته جي ڊي اي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ جوفيصلوڪيو آهي، هڪ مهيني ۾ تنظيم سازي پوري ڪنداسين، ان بعد ٻيهر عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي مذمت ڪيون ٿا، 4 ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، اسان پنهنجو رول ادا ڪنداسين، اياز لطيف پليجي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته صحافي جان محمد مهر، عزيز ميمڻ۽ ٻين واقعن ۾ اغوا، قتل وارن واقعن جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي قومي ايجنڊا مان لڳي ٿو سنڌ ٻاهر آهي، لڳي ٿوسنڌجووفاق سان ڪو تعلق ئي نه رهيو آهي، سنڌ صوبي کي يتيم ٻار وانگر ڇڏيوويو آهي، صدرالدين شاهه چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي لاقانونيت آهي، ادارا لاقانونيت جوٻج پيا پوکين، اهم عهدن تي ويٺلن کي گهرجي ته سنڌ جي رپورٽ وٺن، هن چيو ته پهرين جون تي ٻيهرڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، هن چيو ته موجوده حڪومت کي مڃيون ئي نه ٿا ته پوءِ ڳالهيون ڪنهن سان ڪيون، فيصلا سازن کي الله عقل ڏئي ملڪ جي  بقا۽ سلامتي کي ترجيح ڏني وڃي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستان جي اصل مالڪ آهي، ان بغير ته آڪسيجن به ختم ٿيووڃي، هن چيو ته اسان کي ڪير ڪجهه ڏيڻ جوواعدوڪري نه ويو آهي، ڪير ڏيندو نه اسان وٺندا آهيون، اسان جي وڏن سر زمين لاءِ جدوجهدڪئي، اسان نه ٿاچاهيون ته عوام بيزار ٿئي، هن چيو ته ملڪ سڀني جو آهي، ڪنهن جي پي جونه آهي، صاحب اختيارن کي گڏ ويهڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.