ميرپورخاص سول اسپتال ۾ علاج دوران ناري فوت، غفلت جو الزام، ڀڃ ڊاهه ،احتجاج

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) سول اسپتال ميرپورخاص ۾ علاج لاءِ آيل نوجوان ناري اسماءِ علاج نه ملڻ تي فوت ٿيڻ تي ناري جي وارثن پاران نيو سول اسپتال اندر فوت ٿي ويل ناري جو لاش رکي احتجاجي مظاھرو  ڪري اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي،  فوتي ناري جي مڇريل وارثن کي ڏسي اسپتال جو عملو کسڪي ويو، وارثن احتجاج ڪندي دانھيو ته ڊاڪٽرن  جي مبينا غفلت ۽ مناسب علاج فراھم نه ڪرڻ سبب اسان جو مريض تڙپي تڙپي  فوت ٿي ويو، ھنن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال جي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سول سرجن ھيمجي چيو ته ناري کي گڙدن ٽوڙ بخار ھو ۽ سندس حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي ھجڻ جي ڪري اسان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ھو پر وارث مريض کي حيدرآباد نه کڻي ويا، اسپتال ۾ موجود اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن  پبھنجي وس آھر پورو علاج ڪيو مريض جي علاج  ۾ ڊاڪٽر يا انتظاميا پاران مريض جي علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.