ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ميئر ڪراچي مرتضي وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي ايم سي کي ساليانو 4 کان ساڍا 4 ارب جو نقصان ٿي رهيو آهي. شهر کي هلائڻ لاءِ ٽيڪس جي اوڳاڙي ضروري آهي .هن چيو ته روڊ رستا خراب هوندا آهن ته عوام ڪنهن کان پڇاڻو ڪندو آهي، ظاهر آ حڪومت جي زميواري آهي.عدالت هدايت ڪئي آهي ته جيڪي غريب ماڻهو آهن انهن کان ان ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ڪئي وڃي.جن ماڻهن جا 10 هزارن تائين بل هوندا انهن کان هي ٽيڪس نه ورتو ويندو.عدالت حڪم محفوظ ڪري ورتو آهي اميد آهي ته ڪي ايم سي جي حق ۾ فيصلو ايندو.ڪراچي جي مئير چيو ته عدالت ميئر جي حيثيت ۾ مونکي هدايت ڪئي آهي ته ڪائونسل جو اجلاس گهرائي ان بابت رائي وٺي فيصلو ڪيون .عوام پاڻ مرادو ٽيڪس ادا ڪرڻ جي حق ۾ ناهي،هن چيو ته ٽيڪس جو استعمال شفافيت سان ڪيو ويندو ۽ شهر کي بهتر بڻايو ويندو.جيڪڏهن ڪي ايم سي وفاق ٽي وي لائسنس جو ٽيڪس اوڳاڙي سگهي ٿي ته ڪي ايم سي ڏوھ ناهي ڪيو.وڏي محنت ۽ قانون کي نظر ۾ رکندي اسان فيصلو ڪيو هو ته ڪي ايم سي جو ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ وٺي.هر جماعت جي اڳواڻن جي ڪميٽي جوڙي انهن سان ان بابت ڳالهائينداسين.
-
جاچ آفيسر ناهيان جو ٻڌايان ته احمد فرهاد ڪٿي هو: اعظم تارڙ
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هو جاچ آفيسر ناهي جو ٻڌائي ته احمد فرهاد هن وقت تائين ڪٿي هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ احمد فرهاد ڪيس ۾ حاضريءَ کانپوءِ اعظم نذير تارڙ چيو ته احمد فرهاد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آهي، اتي پوليس کان تفصيل معلوم ڪيا وڃن،عدالت سان سهڪار جو ڪم منهنجي ذميواري هو، جيڪو مون ڪري ڇڏيو آهي.