عمران خان ملڪ خلاف سازش پيو ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سول سينٽر ۾ قائم ايڪسائيز موٽر رجسٽريشن ونگ جي آفيس ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گاڏين جي بايو ميٽرڪ رجسٽريشن ۽ جديد ڪيو مينيجمينٽ نظام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار پنھنجي ليڊرشپ صدر آصف علي  زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب عوام کي سھولتن جي فراھمي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کي يقيني بڻائي رھي آھي، بايو ميٽرڪ رجسٽريشن ۽ ڪيو مينيجمينٽ سسٽم سان عوام کي وڌيڪ سھولت ملندي، گاڏين جي رجسٽريشن کي بايو ميٽرڪ نظام سان جوڙيو ويو آھي، جنھن سان جعلسازي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مون پنھنجي گذريل ڏينھن واري پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جا پنھنجا بيان ڏيکاريا ۽ ثبوت طور عبدالستار ايڌي، حڪيم ايڌي، حڪيم سعيد ۽ ڊاڪٽر اسرار جھڙن معتبر  ماڻھن جون وڊيوز به ڏيکاريون ھُيون، مجيب کي ھيرو بڻائي پيش ڪرڻ واري وڊيو عمران خان پنھنجي ئي اڪائونٽ تان شيئر ڪئي، اقتدار جي لاءِ ھُو ملڪ کي داءُ تي لڳائڻ لاءِ به تيار آھي، بئريسٽر گوھر جيڪڏھن صفائي پيش ڪري رھيو آھي ته پوءِ عمران خان ٽويٽ ڊليٽ ڇو نه ڪئي. ھن چيو ته آئون پاڻ کي پيپلز پارٽي جو جانثار ڪارڪن سمجھان ٿو، پر منھنجي لاءِ سڀني کان پھرين پنھنجي وطن پاڪستان جي اھميت آھي، ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ثاقب نثار مشن عمران خان جو سڀني کان وڏو سھولتڪار ھو، کيس ڪوبه سُٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.