گهوٽڪي (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب شهيد نصرالله گڏاڻي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جي صدر اسد پتافي جي صدارت هيٺ پريس ڪلب جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ سڀني ميمبرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي گڏيل طور پريس ڪلب جو نالو تبديل ڪري شهيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو رکيو ويو.
اجلاس ۾ سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.
nasrullahgadani ghokti mirpurmathelo