اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس کي ڪمپوٽر سان جوڙڻ واري اپليڪيشن مائيڪرو سافت فون لنڪ کي استعمال ڪندي واهپيدار جلد ئي تصويرون ۽ تحريرن کي ڪاپي ڪري سگهندا.
ذريعن موجب اهو فيچر تصوير ۾ تحرير جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ آپٽيڪل ڪريڪٽر ريڪوگنيشن (او سي آر ) جو استعمال ڪندو آهي، جنهن بعد واهپيدار تحرير کي ڪاپي ڪري ڪنهن به ٻي ايپ ۾ درج ڪري سگهندا.
اهو فيچر ونڊوز ۾ فون لنڪ ايپ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پر ان جو انحصار ڪنهن مخصوص قسم جي فون تي نه هوندو، جڏهن فون لنڪ ايپ جي فوٽو سيڪشن سان تصوير کي ڏٺو ويندو ته ٽيڪسٽ نالي هڪ آءِ ڪون نظر ايندو، ان آءِ ڪون کي ڪلڪ ڪرڻ سان تصوير ۾ موجود تحرير واضح ٿي ويندي ۽ ڪجهه آپشن سامهون ايندا جنهن سان پوري تحرير جي چونڊ ڪري ڪاپي ڪيو ويندو.
او ايس آر هڪ اهڙو فيچر آهي جيڪو مائيڪرو سافٽ جي موبائيل آفيس ايپ سميت ڪيترن ئي ايپس ۾ دستياب هوندو آهي.
Microsoft AI Computer
You might also like