گهوٽڪي (رپورٽر ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي ڪيل اعلان بعد صوبائي وزير چيف سردار محمد بخش خان مهر رقم وارثن حوالي ڪري ڇڏي.
ڪجھه ڏينهن اڳ شهيد ڪيل عوامي آواز جي رپورٽر صحافي نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي گهر ۽ ٻارن جي تعليم جي خرچ بابت ڪيل اعلان بعد محمد بخش خان مهر اها رقم وارثن تائين پهائي ڇڏي.
ان حوالي سان صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اسان شهيد جي وارثن جي جيڪا مدد ٿي سگهي ڪنداسين ۽ انهن سان گڏ هونداسين، جلد کان جلد قاتلن کي گرفتار ڪري عوام مان مايوسي به ختم ٿيڻ گهرجي.
muhammadbuxmahar ppp nasrullahgadani