عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ بابت پيمرا جي نوٽيفڪيشن خلاف منع نامو جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي بابت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ( پيمرا ) جي نوٽيفڪيشن تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
پيمرا جي نوٽيفڪيشن جي خلاف پنج رپورٽرن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
عدالت پيمرا کي درخواست گذارن ۽ ٽي وي چئنلز خلاف عدالتي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڇهه جون تائين پيمرا ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي موجب، عدالت طرفان ڪورٽ رپورٽرن عدالتي ڪارروائي دوران احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. .

SHC Pemra Reporting

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.