نيتا امباڻي جو ڪروڙين رپين جو هار صرف 178 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو

ڀارتي بزنس ٽاءِ ڪون مڪيش امباڻي جي گهر واري جو پنهنجي پٽ جي پري ويڊنگ فيسٽيويز ۾ پاتل مهانگو ترين هار مارڪيٽ ۾ انتهائي سستي قيمت ۾ فروخت ٿيڻ لڳو.
گذريل مهيني مارچ ۾ اننت امباڻي جي پري ويڊنگ جي 3 روزا تقريب ۾ نيتا امباڻي سميت سمورن فيملي ميمبرز مهانگا ترين زيور ۽ لباس پهريا، جن جا سوشل ميڊيا تي چرچا هئا.
نيتا امباڻي به هيرن سان ٺهيل هڪ هار پاتو جيڪو پنهنجي خوبصورتي ۽ قيمت جي ڪري سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
نيتا امباڻي کي پاتل هار جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته اهو هار لڳ ڀڳ 400 کان 500 ڪروڙ رپين جو آهي.
جتي فيشن جا متوالا ان قيمتي هار کي پائڻ لاءِ صرف خواب ڏسي رهيا هئا، اتي ڀارت جي هڪ سوناري اهو خواب پورو ڪرڻ لاءِ هر امير ۽ غريب لاءِ عام ڳالهه بڻائي ڇڏي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ هڪ دڪاندار پنهنجي دڪان تي پيل زيور ڏيکاري انڪشاف ڪندو آهي ته نيتا امباڻي کي جيڪو هار پهريل هو اهو هنن وٽ اچي ويو آهي.
دڪاندار هار جي قيمت ٻڌائي ماڻهن کي اڃا حيران ڪري ڇڏيو ته هار صرف 178 رپين ۾ دستياب آهي.
اصل ۾ دڪاندار جيڪو هار ڏيکاري رهيو آهي اهو نيتا امباڻي جي قيمتي هار جي ڪاپي آهي جيڪو سستن هيرن سان تياري ڪري 178 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

AnantAmbani NitaAmbani IndianFamily

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.