ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا ۽ سربيئن اداڪارا ۽ ماڊل نتاشا اسٽينڪووچ طرفان طلاق جون ڪوڙيون خبرون پکيڙن جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آهي.
گذريل ڪيئي ڏينهن کان هاردڪ ۽ نتاشا جي طلاق جون ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
اسٽار جوڙي ۾ عليحدگي جو خدشو سڀ کان پهرين سوشل ميڊيا ايپ ريڊ اَٽ تي هڪ واهپيدار ظاهر ڪيو جنهن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا تي طلاق جون خبرون زور پڪڙڻ لڳيون.
طلاق جي افواهه کي وڌيڪ هوا ڏيندي نتاشا اسٽينڪووچ انسٽاگرام تي هڪ مبهم اسٽوري پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکائين ته ” ڪو رستي تي اچڻ وارو آهي.“
جتي سوشل ميڊيا واهپيدارن نتاشا ۽ هاردڪ کان ان خبر جي تصديق يا ترديد ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيا هئا اتي هاڻ سوشل ميڊيا تي هڪ نئين افواهه گردش ڪري رهي آهي جنهن موجب هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا جي طلاق ناهي ٿي پر جوڙي پاڻ ئي اِها ڪوڙي خبر ڦهلائي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هاردڪ ۽ نتاشا جي شادي ” اوپن ميرج “ آهي يعني ٻنهي کي ئي اِها اجازت آهي ته عليحدگي باوجود هو ٻين سان لاڳاپا قائم ڪري سگهن ٿا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاردڪ ۽ نتاشا 2019 ۾ انڊيا ورلڊ ڪيمپين دوران هڪٻئي سان مليا ۽ آگسٽ کان نومبر تائين ٻنهي جو افيئر هليو جنهن کانپوءِ نتاشا جي ڳور هاري ٿيڻ جي خبر سامهون آئي ۽ ٻنهي اوچتو مڱڻي جو اعلان ڪري مئي 2020 ۾ شادي ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هاردڪ ۽ نتاشا طلاق جا افواهه پاڻ پکيڙيا جنهن جو مقصد هاردڪ تي آءِ پي ايل دوران خراب ڪارڪردگيءَ کانپوءِ ٿيندڙ تنقيد ۽ عوامي ڪاوڙ ماٺي ڪرائي همدردي حاصل ڪرڻ هو، ٻئي جلد هڪ گڏيل بيان ذريعي ان خبر جي ترديد ڪندا.
هن خبر جي سامهون اچڻ کانپوءِ هاردڪ پانڊيا جا مداح ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن ڇو ته هو ڪرڪيٽر جي طلاق جي افواهه سبب ساڻس همدردي جو اظهار ڪري چڪا هئا.
Indiancricketteam IPL Hardikpandya Natasha Socialmedia