”سٺو ساٿي ملي ته شادي ڪري ڇڏجي“ سجل علي جي ڇوڪرين کي صلاح

مشهور اداڪارا سجل علي جو چوڻ آهي ته معاشري ۾ عورتن کي زندگي کي آخر انجام شادي قرار ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته شادي هڪ خوبصورت رشتو آهي، جيڪڏهن سپورٽ ڪرڻ وارو پارٽنر ملي وڃي ته شادي ضرور ڪرڻ گهرجي.
تازو ئي اداڪارا جي نئين ڊرامي ”زرد پتون ڪي بن“ جي تشهير لاءِ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جتي انهن نجي ميگزين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته اسانجي معاشي ۾ ننڍپڻ کان عورتن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته زندگي ۾ ڪجهه به ڪري وٺو آخري انجام شادي آهي، ڀل ماسٽرز ڪري وٺو يا ڪيرئر ۾ ڪجهه به حاصل ڪيو پر آخري انجام شادي آهي، جنهن ڪري گهڻيون عورتن آڏو شادي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي ته هو چونديون آهن ته فل الحال شادي ناهي ڪرڻي اڃا گهڻا گم رهيل آهن.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سٺو ساٿي ملي وڃي ته شادي زندگي جو هڪ خوبصورت حصو آهي

SajalAli PakistaniActress Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.