پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا سونيا حسين ٻئين شادي بابت پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.
اداڪارا سونيا حسين جو انٽريو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن ۾ کيس ناديا خان جي پروگرام ۾ بطور مهمان شرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڄاڻايل انٽريو ۾ ميزبان ناديا خان طرفان سونيا حسين جي شادي بابت سوال پڇيو ويو، جنهن تي اداڪارا پنهنجي خيالن کي دنيا جي سامهون بيان ڪندي چيو ته ويجهڙائي ۾ شادي ڪو ارادو ناهي، جنهن تي ميزبان سوال ڪيو ته آخر ڇو نه، اوهان ايتري خوبصورت آهيو ته شادي جو ارادو ڇو ناهي.
جواب ۾ سونيا حسين ٻڌايو ته جنهن نسل سان مان تعلق رکندي آهيان، اها مختلف آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته نئين نسل جي ماڻهن ۾ اخلاقيات جي گهٽتائي آهي، انهن کي انهي ڳالهه جي به خبر ناهي ته عورتن سان ڪيئن پيش اچجي.
اداڪارا جو اهو به چوڻ هو ته ڪيترائي ماڻهو مونکان پڇندا آهن ته ڪيرئر ٺاهي ورتو، گهر به ملي ويو ۽ هاڻ شادي ڪري وٺو.
هن کلندي ٻڌايو ته هن وقت شادي جو ڪو ارادو ناهي پر جيڪڏهن جنهن ڏينهن منهنجي معيار جهڙو ماڻهو مليو ته شادي ڪري ڇڏينديس.
SoniaHussain BollyWood Showbiz