آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برساتن جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته پهرين جون تائين ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب لاڳاپيل ادارن کي امڪاني برساتن ۽ آنڌاري سبب الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، مٿانهن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سان ٽريفڪ نظام متاثر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي.
اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کاتن کي ايمرجنسي عملو ۽ مشينري تيار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ضلعي انتظاميا کي ڪچن گهرن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، آنڌاري سبب فصلن، ڀجلي جي ٿنڀن ۽ ٻين اڏاوتن کي نقصان پهچڻ جو به انديشو آهي.

rain ndma pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.