پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو چيو آهي ته مان رڪارڊن پٺيان ناهيان ڊوڙندو، رڪارڊ منهنجي پٺيان ايندا آهن.
سعودي پرو ليگ سيزن ۾ گول ڪرڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته هو رڪارڊ پٺيان ناهي ڊوڙندو پر رڪارڊ سندس پيڇو ڪندا آهن.
پرتگالي فٽبالر سعودي فٽبال ڪلب النصر طرفان الاتحاد ڪلب خلاف ميچ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
گذريل رات کيڏيل ميچ دوران النصر ڪلب الاتحاد کي چئن جي مقابلي ٻن گولن تان شڪست ڏني جنهن ۾ ٻه گول ڪرسٽيانو رونالڊو اسڪور ڪيا.
اهڙي طرح هن مجموعي طور 35 گولز ڪري هڪ سيزن دوران سڀ کان وڌيڪ گولز اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ان کان اڳ 19-2018 ۾ النصر جي ئي مراڪش سان واسطو رکندڙ فٽبالر عبدالرزاق حمد الله 34 گول ڪري اِهو رڪارڊ قائم ڪيو هو.
ياد رهي ته رونالڊو پنهنجي 22 سالا ڪيريئر ۾ 765 گول اسڪور ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اسپورٽنگ ڪلبز لزبن، مانچسٽر يونائيٽڊ، ريئل ميڊرڊ ۽ يووينٽس شامل آهن، ان کانسواءِ پرتگال لاءِ 206 ميچن ۾ 128 عالمي گول اسڪور ڪري چڪو آهي.
Football SaudiProLeague CristianoRonaldo