ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيشنل پارٽي پارليامينٽيرين جي اڳواڻن جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پارٽي جي افتتاحي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي.
پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان نيشنل پارٽي پارليامينٽيرين جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ رائو اسد ۽ ٻين چيو ته پنھنجي پارٽي جي اڳواڻن سان گڏجي غريب ماروئڙن جي خدمت ڪنداسين، اڄ يوم تڪبير ڏينهن ملھايو پيو وڃي، اسان ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ سندس جدوجھد کي سلام پيش ڪريون ٿا.
ھنن وڌيڪ چيو ته اسان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪو مسڪينن، غريب ماروئڙن جو آواز اٿاريندو رهندو ھو، جنھن کي ظالمن شھيد ڪري ڇڏيو، اسان اعلي ادارن کان گھر ٿا ڪيون ته شھيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
سندن چوڻ هو ته ميڊيا جي آزادي ۽ آئيني حقن جو تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪنداسين، ملڪ اندر ڪرپشن عام ٿي وئي آھي، جنھن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن غريب عوام سڪون سان زندگي گذاري سگهي.
You might also like