ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ مودي، سچن ۽ ڌونيءَ درخواستون ڏئي ڇڏيون!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين ڪوچ لاءِ سچن ٽنڊولڪر، نريندر مودي ۽ ايم ايس ڌوني سميت ڪيئي مشهور شخصيتن جي نالي سان جعلي درخواستون جمع ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) هيڊ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ بي سي سي آءِ کي اٽڪل ٽي هزار درخواستون موصول ٿيون آهن.
رپورٽن موجب، درخواستن ۾ ڀارتي ٽيم لاءِ ڪيئي جعلي درخواستون جمع ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ جعلي درخواستون مشهور شخصيتن جي نالن سان جمع ڪرايون ويون آهن.
بي سي سي آءِ کي جن مشهور شخصيتن جي نالن سان درخواستون مليون آهن انهن ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي، سچن ٽنڊولڪر، اڳوڻي ڪپتان ايم ايس ڌوني ۽ ڀارتي سياستدان امت شاهه سميت ڪيئي نالا شامل آهن.
بي سي سي آءِ مئي جي شروعات ۾ هيڊ ڪوچ لاءِ آن لائين گوگل فارم جاري ڪيو هو ۽ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 مئي مقرر ڪئي هئي.
ياد رهي ته ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ جو مدو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پڄاڻي تائين آهي.

IndianCricketteam BCCI T20worldcup2024 SachinTendulkar NarendraModi MSDhoni

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.