70 سال فلائٽ اٽينڊنٽ رهي عالمي رڪارڊ ماڻيندڙ عورت لاڏاڻو ڪري وئي

ڊگهي عرصي تائين فلائٽ اٽينڊنٽ طور خدمتون انجام ڏئي عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ عورت 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
بيٽ نيش نالي عورت فلائٽ اٽينڊنٽ جو واسطو آمريڪا سان هو ۽ هوءَ آمريڪي ايئر لائن سان سلهاڙيل آهي، جنهن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1975 کان 21 سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي.
بيٽ تقريبن 70 سال فلائٽ اٽينڊنٽ طور پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ هوءَ 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
رڳو ايترو نه پر گنيز ورلڊ رڪارڊ به فلائٽ اٽينڊنٽ طور سڀ کان وڌيڪ خدمتون انجام ڏيڻ تي کيس عالمي رڪارڊ سان نوازيو.
آمريڪي ميڊيا موجب بيٽ نيش جو لاڏاڻو 17 مئي تي ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ٿيو، جڏهن ته هوءَ سرڪاري طور تي ڪڏهن رٽائرڊ نه ٿي هئي.

usa america bettenash

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.