اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ جي معاملن تي اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪيو وڃي.
توانائي واري وزارت وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور سان ٿيل ملاقات تي به اجلاس کي بريف ڪيو.
بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا بجلي چوري گهٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم علي امين گنڊاپور سان ٿيل ملاقات ۾ اڳڀرائي جي ساراهه ڪئي.
توانائي واري وزارت وڌيڪ چيو ته رڳو خساري ۾ هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گرمي جي شدت سبب ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بجلي چوري روڪڻ سڀني لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. ماڻهن کي گرمي ۾ رليف ڏنو وڃي……
PMShehbazSharif load-shedding Pakistan