ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ طوفاني برساتون، 21 ڄڻا اجل جو شڪار

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ طاقتور طوفان جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، هزارين گهر تباهه ۽ سامونڊ ڪنارن جون ڀتيون ٽٽي پيون آهن جنهن سبب شهرن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي.
سائيڪلون ريمل جي ٽڪرائڻ کانپوءِ آنڌاري ۽ برسات سبب پنهنجو سامان بچائڻ اتان جي رهواسين لاءِ چئيلنج آهي.
بنگلاديش ۾ سامونڊي طوفان سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪجهه ٻڏي فوت ٿيا ته ڪجهه گهر ڊهي پوڻ سبب دٻجي فوت ٿيا آهن.
ڀارت ۾ 6 ڄڻا فوت ٿيا جن مان 3 ڄڻا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا ۽ 3 ملبي ۾ دٻجي فوت ٿيا آهن.

India Bangladesh Cyclone

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.