اسلام آباد (عمران شفقت+حامد مير) پي ٽي آءِ باني عمران خان سوشل ميڊيا کي ڀرپور نموني استعمال ڪري ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حمايت حاصل ڪري ڪيترائي اهم ڪم سرانجام ڏنا آهن. پي ٽي آءِ پرڏيهه مان پنهنجي پارٽي جي ويب سائيٽن ۽ پيجز تي آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. آرمي چيف تي الزام لڳايو ويو آهي ته هن فيبروري جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي. عمران خان هاڻي ديوانو ٿي ويو آهي ۽ چاهي ٿو ته ڪهڙي به نموني سندس جان ڇڏائي وڃي. هاڻي پي ٽي آءِ وارن اهي ڳالهيون شروع ڪيون آهن ته بنگلاديش جي باني شيخ مجيب جو مينڊيٽ تسليم نه ڪندڙ يحي’ خان غدار هو ٻيو جنرل عاصم منير به غدار آهي ۽ هو ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو. عمران خان طالبان جي حمايت سان به فوج سان ويڙهه ڪرڻ چاهي ٿو. هو پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ملڪ ۾رتوڇاڻ ۽ انارڪي چاهي ٿو. اها عمران خان جي آخري ڌمڪي آهي. عمران خان جي طالبان کي سهوليت ڏيڻ واري خواهش سندس پنهنجي وڏي وزير ختم ڪري ڇڏي. ان سندس منصوبو رد ڪري ڇڏيو،جڏهن ته وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي شيخ مجيب الرحمان سان ڀيٽا ڏني پئي وڃي، پاڪستان جي موجوده صورتحال کي 1971ع جي بحران سان تشبيهه ڏني پئي وڃي، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ پي ٽي آءِ خلاف جارحاڻي انداز ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ان کانپوءِ وفاقي گهرو وزير ۽ توانائي واري وزير ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان سٺي ماحول ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا وفاقي حڪومت هڪ پيج تي آهي؟سياسي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ اها پريس ڪانفرنس تازي هوا جو جهونڪو آهي،عمران خان سدائين ڪي پي جي اوٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪيو آهي، هن سوشل ميڊيا جي سائنس کي سمجهي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي استعمال ڪيو،عمران خان کي ٻاهرين ملڪن مان حمايت حاصل آهي.