ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي مان تعليمي ادارن ۾ منشيات جي واهپي خلاف پيش ڪيل مهملي رٿ گڏيل طو رتي منظور، قانونسازي لاءِ رٿ ڪابينا کي موڪلي ويندي، سنڌ سرڪار جي وزيرن جو چوڻ آهي ته منشيات جي خاتمي لاءِ سرڪار سان گڏ والدين ۽ معاشري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نشئي آپگهاتي بمبار کان گهٽ نه آهن، ان ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ ڪيترا به بااثر هجن سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، دعا ۽ ٻي ڪارروائي کانپوءِ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي واهپي خلاف پ پ ايم پي اي ندا کهڙو پاران پيش ڪيل مهملي رٿ گڏيل طو رتي منظور ڪندي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات روڪڻ ۽ شاگردن جون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو مطالبوڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزيرشرجيل انعام ميمڻ رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته ڪرسٽل ۽ آئيس واپرائيندڙ ماڻهو آپگهاتي بمبار کان گهٽ ناهي هوندو، ڪراچي ۾ وڌيڪ نشو واپرائڻ سبب ڪيترائي نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪيترائي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. سنڌ حڪومت پڪو پهه ڪيو آهي ته ڪوبه منشيات فروش قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سڀ کان وڌيڪ منشيات ڪراچي جي ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن جي اسڪولن اندر استعمال ٿئي ٿي، سنڌ اسيمبلي جي 70 سيڪڙو ميمبرن جا ٻار به انهن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته معاشري مان منشيات جي خاتمي لاءِ رٿ اچڻ گهرجي ها، تعليمي ادارن ۾ منشيات به معاشري جو هڪ حصو آهي، هن چيو ته حڪومت سان گڏ والدين کي به پنهنجي ٻارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته منشيات جي عادي نوجوانن پاران پنهنجي گهرڀاتين کي قتل ڪري ڇڏڻ جا به ڪجهه واقعا رپورٽ ٿياآهن، ڪجهه نوجوان پنهنجي والد کي ڏسي منشيات واپرائن ٿا، والدين نشو ڪندا ۽ ٻارن تي نظر نه رکندا ته پوءِ اهو غلط ڪمن ۾ هليا ويندا. ندا کهڙو، سردار چانڊيو، هير سوهو ۽ ٻين پڻ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي وڪري خلاف تحريڪ تي ڳالهائيندي چيو ته منشيات جوخاتمو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ان کانپوءِ پ پ ايم پي اي ندا کهڙو پاران پيش ڪيل مهملي رٿ کي متفقه طور تي پاس ڪري قانونسازي لاءِ سنڌ ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي بابت مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمن جي سخت کوٽ آهي ڇاڪاڻ ته ڪورٽ ۾ اسٽي هجڻ ڪري ڀرتيون نه ڪري سگهيا آهيون، هن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي به ڪورٽ پاران جوائننگ تي اسٽي جو حڪم ڏنو ويو آهي، صوبائي وزير چيو ته بدقسمتي سان جيڪڏهن ٻيهر ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ته ڪيترائي اميدوار عمر وڌيڪ وڃڻ ڪري ٻيهر ٽيسٽ نه ڏئي سگهندا. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سان گڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ به مسئلا پيدا ڪري ٿي، پاڻي نه پهچڻ جي ڪري شهرين کي سخت تڪليف ٿئي ٿي.