ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) عوامي آواز جي رپورٽر صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي عوامي آواز جي ٽيم سان گڏ ايڌي ٽيم ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھچي ايڌي پاران ايئر ايمبولينس لاءِ ورتل رقم نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ بيواهه کي واپس ڪئي وئي، ان موقعي تي ناصر خٽڪ چيو ايئرايمبولينس جو خرچ نصرالله گڏاڻي جي وارثن پاران ساڍا 9 لک ادائگي ڪرڻ تي عوامي آواز ايڌي کي درخواست ڏني وئي ته اھا رقم نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي واپس ڪرائي مدد ڪئي وڃي،درخواست کي موٽ ڏيندي ايڌي پاران اھا شهيد جي امڙ ۽ بيواهه جي حوالي ڪئي وئي آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي فهد ايڌي چيو ته اسان کي ھن ڪيس بابت عوامي آواز آگاهي ڏني ۽ درخواست ڪئي ته اسان ايڌي پاران ورتل ايئرايمبولينس جي رقم شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي واپس ڪريون، ھو اسان جو غريب ۽ دلير رپورٽر ھيو ۽ بلڪل اسان ھتي پھچي ڪري ڏٺو ته واقعي نصرالله گڏاڻي غريب فيملي سان واسطو رکندڙ آهي اڄ اسان اھا رقم واپس ڪري فخر ٿا محسوس ڪيون ۽ ان سان گڏ عوامي آواز ٽيم جا پڻ ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي حقيقت کان آگاھ ڪيو،ٻئي پاسي شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريم راٺوڙ ،تاج محمد ٽانوري، صفت قاضي ، ايس ايس پي اڳواڻ اڪرم ميتلو، جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، ايازکهاوڙ،وقار بوزدار، عمر ڀيو،ممتاز آرائين،ذيشان آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،جڏهن ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي والده پاران پوليس ٿاڻي تي احتجاج ڪرڻ بعد پوليس ڳوٺ ڪمال لُنڊ تي چڙهائي ڪري سبزل لُنڊ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ياد رهي ته ميرپورماٿيلو پوليس شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي ڪيس ۾ 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي مختلف وقتن تي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکي جاچ ڪري رهي آهي.ٻئي پاسي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا چيو ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي ڪيس جي حوالي جاچ هلي رهي آهي سوشل ميڊيا تي منهنجي حوالي هلندڙ خبرن جي مونکي ڪا ڄاڻ ناهي، شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، هن چيو ته وارثن کي گذارش آهي ته هو ڪيس داخل ڪرائين، ته جيئن قاتلن کي گرفتار ڪري سگهجي.