سنڌي صحافت نھايت مشڪل ۽ عوام دوست رھي آھي ـ سنڌ جي حصي واري پاڻي ڌارين جي آبادڪاري سنڌ اندر نياڻين سان جنسي زيادتين يا وري سردارن طرفان سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ جي مخالفت لاءِ لکڻ ھجي ـ سنڌ جي صحافين پاڻ ملھايو آھي ـ سنڌ جي حقيقي ڪيس کي سنڌ جي صحافت/ ميڊيا کڻندي رھي آھي ـ سنڌ جي سياست دانن جي غلطين ۽ عوام دشمن عملن کي پڌرو به سنڌي صحافت ئي ڪندي رھي آھي ـ اھڙين حالتن ۾ جڏھن معاشي مسئلا ھجن امن امان جو مسئلو ھجي ـ ڌاڙيل ڪلچر سبب ماڻھن جو گھران نڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ـ سنڌي صحافين لاءِ اھڙين ڏکي صورت حال ۾ ڪنھن جنگي سپاھيءَ جيان عملي ميدان ۽ روڊن تي نڪري پنھنجن فرضن کي پورو ڪرڻ نھايت ڏکيو ۽ جان مشڪلن ۾ ڦاسائڻ برابر آھي ـ سنڌي ماڻھن جي انھن انيڪ مسئلن تي اقتداري ايوانن لاءِ للڪار بڻجڻ پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجي ڪٽنب لاءِ ڏکي حالتن ۾ گذارڻ وارو رسڪ پڻ سنڌي صحافي کڻي پيو ـ
تازو ميرپور ماٿيلي جي بيباڪ صحافي نصر الله گڏاڻيءَ پنھنجي تر جي سردارن ۽ وڏيرن خلاف حق پرستي جي صحافت شروع ڪئي ـ کيس ڌمڪايو ويو پر ھو جوان جو پٽ نه موڙيو ـ جنھن جي ڪري انھن تر جي بااثر وڏيرن جي ماڻھن ان جو رستو روڪي کيس گولين جو کاڄ بڻايو ـ جنھن بعد کيس ترت رحيم يار خان اسپتال نيو ويو پر اتي سندس حالت سيريس ٿيڻ ڪري ائير ايمبولينس ذريعي اتان آغا خان اسپتال ڪراچي کڻايو ويو ـ جتي ڊاڪٽرن جي ھڪ ڏينھن جي جدوجھد بعد چون ٿا حالت سڌري رھي ھئي 75 سيڪڙو صورت حال بھتر ٻڌائي وئي پر اوچتو رات پيٽ ۾ خبر آئي ته نصر الله شھيد ٿي ويو آھي ـ ان خبر بعد سموري سنڌ اندر سوڳ ڇانجي ويو ـ وڏي انگ ۾ ماڻھو سنڌ جي سڀني شھرن جتان شھيد صحافي نصر الله جي مڙھ کي گذرڻو ھو نٽھڻ اس ۾ انتظار ڪندا نظر آيا ـ جڏھن ان جو مڙھ اباڻي ڳوٺ پھتو جتي نماز جنازھ ٿي ھزارن جي انگ ۾ ماڻھو ھيا ـ سمورو ڳوٺ ته شامل ھو پر پري پري جي شھرن جا صحافي سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند شريڪ ٿيا ـ ھڪ تمام وڏي ميڙ جو منظر ھو ـ ھر اک آلي ھئي ـ صحافتي وڏيرا پڻ ڳوڙھا ڳاڙھيندا نظر پئي آيا ـ
شھيد نصر الله گڏاڻي ھن بدبودار نظام خلاف پنھنجو سر ڏنو ـ ھن سنڌ جي محبت ۾ پنھنچي جان قربان ڪئي ۽ امر ٿي ويو ـ ھن پنھنجي ڄمار ۾ حق سچ ۽ وطن دوستي خاطر ڪا به سودي بازي نه ڪئي ـ
ان ھاءِ پروفائيل ڪيس جو سرڪار سڳوري ۽ پوليس طرفان اعلي سطحي انڪوائري جو اعلان ته ڪيو آھي پر صحافتي حلقا چون ٿا ته اڳ جيان صحافيءَ جي قتل جو ھي ڪيس پڻ ڪنھن انجام تائين نه پھچندو ـ مسلسل وارثن مٿان دٻاءُ وجھي ڪيس کي لئه مٽي ڪيو ويندو ـ جيڪا ڳالهھ اقتداري ڌرين جي ماضي ۾ ھميشا رھي آھي ـ
ھن واقعي بعد قاتلن جي گرفتاري جو مرحلو نھايت اھم آھي ڇاڪاڻ ته ملوث ڌر نھايت طاقتور ۽ بااثر آھي ـ حڪومتي پارٽي پڻ انھن جي سپورٽر آھي ـ ان ڪري ڪيس جي منطقي انجام تائين پھچڻ جو امڪان تمام گھٽ آھن ـ ان لاءِ صحافتي حلقن کي سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اگسٽ 2023ع ۾ مشھور سکر جي سينئير صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث اصلوڪن جوابدارن کي اڄ سوڌو پوليس جي ھٿ ناھي ڪري سگھي ـ
جيتوڻيڪ انھن جي موجودگيءَ بابت پوليس کي چڱي ريت خبر آھي ۔ ان جو ڪيس پڻ ڪورٽ ۾ ھلي پيو پر ھيل تائين جي ڪارروائيءَ مان لڳي ٿو ته اصلوڪا جوابدار جيڪي ڪچي جي ڌاڙيلن سان ويٺل آھن ـ گرفتار نه ٿيندا ڇو ته ان ڪيس ۾ پڻ بااثر ڌرين جو ھٿ ملوث ظاھر ڪجي ٿو ـ اھڙيءَ صورت ۾ نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري آساني سان ٿي ويندي اھو ممڪن ئي ناھي ـ صحافتي ادارن ۽ تنظيمن پريشر وجھڻ شروع ڪري ڏنو آھي .