ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن جي ڇهين مرحلي ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن ويندڙ 71 ورهين جي پيرسن کي هاٿي چيڀاٽي ماري ڇڏيو.
ڀارت جي عام چونڊن جي ڇهين مرحلي ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ڇهن رياستن ۽ وفاق جي انتطام هيٺ ٻن علائقن ۾ مجموعي طور تي 58 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جهارکنڊ جي اولهندي ضلع سنگهڀم جي ڳوٺ ۾ 71 ورهين جي پيرسن تي هاٿي ان وقت حملو ڪيو جڏهن هو ڳوٺ کان پري پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ جهنگ مان گذري رهيو هو.
رپورٽ موجب، هاٿي پيرسن شخص تي حملو ڪيو ۽ کيس چيڀاٽي ماري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا مڪوجب، جيئن ڳوٺ وارن هاٿي جي حملي جي خبر ٻڌي ته انهن ٻيلي کاتي کي واقعي بابت آگاهه ڪيو.
اختيارين ۽ پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتي ۽ پيرسن همراهه جو لاش اسپتال منتقل ڪيو.
ٻيلي کاتي طرفان پيرسن جي پونيئرن کي پنجويهه هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو ته جيئن هو آخري رسمون ادا ڪري سگهن.