پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ به برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو

ڪارڊف (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جڏهن ته موسميات کاتي طرفان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
برطانوي موسميات کاتي طرفان سڀاڻي ڪارڊف ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن موجب، ميچ دوران پنجاهه کان ستر سيڪڙو برسات جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ پڻ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

T20worldcup2024 PakistanvsEngland Rain

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.