ڪاميڊين افتخار ٺاڪر کي ڏوهاري ڪيڏانهن وٺي ويا؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار ۽ ڪاميڊين افتخار ٺاڪر انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو ڏوهارين هن کي ميلاد جي محفل لاءِ پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته نعت خواني جو گهڻو شوق آهي، هڪ ڀيرو نعت خواني لاءِ سيالڪوٽ وڃڻو پيو.
افتخار ٺاڪر جو چوڻ هو ته رات جو هڪ وڳي ٿيٽر ختم ڪري سيالڪوٽ لاءِ نڪتس ۽ هڪ خطرناڪ رستي جي چونڊ ڪئي ته جيئن جلدي پهچي سگهجي.
اداڪار موجب انهي رستي سان ٿوري دير ۾ ئي موٽرسائيڪل تي ڏوهاري آيا ۽ پسٽل اچي رکيو، پر بعد ۾ هنن کيس سڃاڻي پسٽل لڪائي ڇڏيا.
ڪاميڊين چيو ته بعد ۾ ڏوهارين رستو ڏيکارڻ لاءِ اڳتي گڏ هليا ته جيئن محفوظ طريقي سان سيالڪوٽ پهچي سگهجي.

Comedian Dacoits Sialkot

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.