سينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٻين ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي جي ميگا ايونٽ جي تيارين تي سوال اُٿي رهيا آهن.
ويسٽ انڊيز ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽي ٻڙي تان شڪست ڏني.
ويسٽ انڊيز شروعاتي ٻن ميچن ۾ 175 ۽ 207 رنسن جي هدف جو دفاع ڪيو، جڏهن ته آخري ميچ ۾ 164 رنسن جو ٽارگيٽ 14 هين اوور ۾ حاصل ڪري ڏکڻ آفريڪا کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم گذريل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ پنهنجي 11 مڪمل ٽي ٽوئنٽي ميچن مان رڳو ٻه کٽيون آهن جڏهن ته ان دوران ٻه ڀيرا ويسٽ انڊيز ۽ هڪ ڀيرو آسٽريليا هٿان شڪست جو منهن ڏسي چڪي آهي.
اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ جو فارم پروٽيز لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، جيڪو ٽن اننگز ۾ رڳو 64 رنسون ٺاهي سگهيو .
ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا کي جارحاڻي بيٽر ايڊن مارڪرم، هينرڪ ڪلاسن، ڊيوڊ ملر ۽ ٽرسٽن اسٽبس جون خدمتون حساصل نه هيون، جڏهن ته اِهي رانديگر ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان 29 جون تائين کيڏيو ويندو جنهن جي ميزباني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ڪندا.
WestIndies SouthAfrica T20worldcup2024