پوليس 5 ورهين جي ٻارڙيءَ جي شادي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر شيخوپورا ۾ ننڍي عمر جي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جنهن کي پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو.
ڊي پي او شيخوپورا بلال ظفر شيخ موجب ڪوٽ نذير ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، 13 ورهين جي نينگر ۽ 5 ورهين جي ٻارڙي جي شادي ٿي رهي هئي، پوليس کي ڏسي گهوٽ سميت ڄاڃين ۾ ڀاڄ پئجي وئي.
هن ٻڌايو ته 5 ورهين جي ڪنوار کي پيءُ کڻي ڀڄي ويو، جڏهن ته گهوٽ جي هڪ مائٽ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

punjab shekhupura pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.