ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هڪ ڪنڊي سبب 50 گهرن جي بجلي بند ڪرڻ ظلم آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي قانون موجب هلڻو پوندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته برسات هجي يا وڌيڪ گرمي ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿي ويندا آهن، بجلي ڪمپنين خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو هو، بجلي ڪمپنين کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جو چيو ويو هو.
هن چيو آئين جي ڀڃڪڙي تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايڪشن ٿي سگهي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ سرڪاري ملڪيتن جو استعمال ڪندي آهي ته ان جي مسواڙ به ٺهي ٿي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سان عوام کي پريشان نه ڪرڻ گهرجي.
sharjeelmemon ppp kelectric