راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪ ڀارت ميچ لاءِ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٺهندڙ فين پارڪ جي انتظامن آءِ سي سي جي ذميواري هوندي.
ذريعن موجب،پي سي بي طرفان آءِ سي سي کي رڳو راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو نالو تجويز ڪيو ويو، ميچ دوران پنڊي اسٽيڊيم ۾ ٺهندڙ آءِ سي سي فين پارڪ جا انتظام انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذميواري هوندي.
ذريعن موجب، فين پارڪ بابت هلندڙ هفتي آءِ سي سي ۽ پي سي بي اختيارين وچ ۾ گڏجاڻي ٿي هئي، آءِ سي سي فين پارڪ جي ٽڪيشن جو فيصلو پي سي بي سان ميٽنگ ۾ ڪندو.
ذريعن موجب، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي پاڪ-ڀارت ميچ جي اسڪريننگ لاءِ سينگاريو ويندو.
ICC T20WorldCup2024 IndiavsPakistan