هاردڪ کان طلاق وٺڻ جون خبرون، نتاشا جو ردعمل اچي ويو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا جي گهرواري ۽ سربيئن ماڊل ۽ ادڪارا نتاشا طلاق جي خبرن تي ردعمل ڏنو آهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان نتاشا ۽ هاردڪ جي عليحدگي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ٻنهي ۾ طلاق جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي، ان سموري صورتحال باوجود جوڙي طرفان سڌي ريت ان معاملي تي ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي، هاڻ نتاشا اهڙي قسم جي خبرن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾سربيئن ماڊل پنهنجي شاديءَ جي خاتمي بابت افواهن تي صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي نظر آئي، شادي جي خاتمي بابت پڇيل سوال تي نتاشا جواب ڏنو ته وڏي مهرباني.
سندس جواب تي ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته اِهو هڪ اشارو آهي ته طلاق رڳو افواهه نه پر حقيقت آهي.
ياد رهي ته هاردِڪ پانڊاي 31 مئي 2020 بالي ووڊ اداڪارا نتاشا سان ممبئي جي هڪ عدالت ۾ شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.

HardikPandya Natasha Divorce

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.