ڀارتي ريپر بادشاهه سان ويجهڙائي تي هانيا عامر جو رد عمل اچي ويو

اداڪارا هانيا عامر ڀارت جي مشهور ريپر بادشاهه سان ويجهڙائي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان اداڪارا هانيا عامر پرڏيهي نشرياتي اداري بي بي کي انٽرويو ڏنو.
انٽرويو ۾ اداڪارا کان ريپر بادشاهه سان دوستي بابت سوال ڪيو ويو.
جواب ۾ هانيا عامر کلندي چيو ته پهريان ته اهو ذاتي نوعيت جو سوال آهي، جنهن تي ميزبان اسرار ڪندي چيو ته اوهان ٻئي پبلڪ فگرز آهيو، اداڪارا جواب ڏنو ته اهو سڀ انسٽاگرام ذريعي ٿيو.
هانيا عامر ٻڌايو ته اصل ۾ بادشاهه هڪ ريل انسٽاگرام جي مختصر وڊيو تي ڪمينٽ ڪيو، جنهن بعد منهنجي دوستن چيو ته بادشاهه منهنجي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو.
هن جو چوڻ هو ته بادشاهه مونکي ميسيج ڪيا، جنهن بعد اسان جي ٿورڙي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي.
ميزبان چيو ته ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته اوهان ٻنهي ۾ رومانوي لاڳاپا آهن، جنهن تي هانيا جواب ڏنو ته اهڙو ڪجهه ناهي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته منهنجو مسئلو صرف اهو آهي ته مان شادي شدا ناهي.
هانيا وضاحت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مان شادي شدا هجان ها ته شايد ماڻهو منهنجي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪن ها.

HaniaAamir RaperBadshah Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.