ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪورٽ رپورٽرز کي روز جي عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، عدالت ڪورٽ رپورٽرز کي روز جي عدالتي رپورٽنگ جي اجازت ڏيندي پيمرا جي 21 مئي جي نوٽيفڪيشن جي پابندي بابت شقن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پيمرا، اطلاعات واري وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪورٽ رپورٽرز کي به عدالتي رپورٽنگ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ريمارڪس يا آبزرويشن نشر ٿيڻ سان عدليا جو غلط تاثر هليو ويندو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
sindhhighcourt sindh pemra