جيڪب آباد(ڊ ر) آزاد ميڊيا پريس ڪلب جيڪب آباد پاران ميرپور ماٿيلو جي بي باک ۽ ارڏي صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،جنهن ۾ نواب علي لانگاھ،حضور بخش سومرو، حاجي غلام حسين جکراڻي، شهريار جکراڻي، خالد منجهو، وقار قريشي، غلام نبي پيچوهو، علي جان جمالي،راشد جويو،سالار سيال،ظفر عمراڻي،نصرالله ميراڻي،سميت ٻين صحافين خطاب ڪندي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي 18سالن جي صحافتي دور تي روشني وجهي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو هو دلير صحافي هو،هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن جي سوديبازي ناهي ڪئي،نه ئي وقت جي حاڪمن ۽ جابرن،ميرن،پيرن،سردارن جي آڏو جهڪيو، هو وڏيرن ميرن،پيرن،سردارن جي اک جو ڪنڊو هو،