اين ايف سي تي نظرثاني کانسواءِ سڌارا ڪامياب نه ويندا: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ريئل اسٽيٽ ۽ زراعت جهڙن شعبن کي وڌيڪ ٽيڪس ڇوٽ  نه ٿي ڏئي سگهجي. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني کانسواءِ ڪي به سڌارا ڪامياب نه ٿيندا. وفاق وٽ فنڊز ناهن پر صوبن ۾ صورتحال مختلف آهي. هن چيو ته جي ڊي پي تائين وڌائڻ لاءِ انهن شعبن تي ٽيڪس لڳائڻي پوندي. هن چيو  ته پرچون، زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ جا شعبا ٽيڪس ادا ڪرڻ واري موڊ ۾ نظر نٿا اچن.  سون جو ڪاروبار ڪندڙ به ٽيڪس نه ٿا ڏين. اسان غريبن کان جي ايس ٽي وٺون ٿا پر اميرن کان پراپرٽي ٽيڪس نه ٿا وٺي سگهون. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ وڌيڪ ٿي ويندا. خسارو گهٽ نه ڪيو ويو ته بک ۽ جهالت وڌندي. زراعت تي مقرر ٽيڪس هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.