نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته ملڪ گير تحريڪ هلندي: ناصر زيدي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس پاران  عوامي آواز جي ارڏي رپورٽر شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل واقعي خلاف نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي خطاب ڪندي چيو ته ھن وقت ملڪ ۾ اظھار راء جي آزادي کسي وئي آھي، ڪارن قانونن جي ذريعي صحافين جو ڳلو دٻايو پيو وڃي. انھن کي حق ۽ سچ لکڻ کان روڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته جيڪڏھن شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي سميت ٻين شھيد صحافين جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته ملڪگير تحريڪ ھلائڻ جو سڏ ڏنو ويندو. مظاھري ۾ طارق علي ورڪ، راجه بشير عثماني، شاھ محمد ڏيٿو ۽ ٻيا صحافي وڏي انگ ۾ موجود ھئا. پنجاب يونين آف جرنلسٽس پاران پي يو جي صدر زاھد رفيق ڀٽي، حسنين، راحت علي، اعجاز حسين لاھوري، نواز طاھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاھور پريس تي ڪارو جھنڊو چاڙھي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.