محمد بخش مهر پاران شهيد جي ٻارن جي تعليم جو خرچ ڀرڻ جو اعلان

گهوٽڪي( آزاد مهر ) زراعت، اينٽي ڪرپشن ۽ اسپورٽس واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي  تڏي تي سندس ڳوٺ قبول گڏاڻي پهتو جتي هن شهيد جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، صوبائي وزير شهيد جي ٻچڙن کي آٿت ڏني ان موقعي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر اعلان ڪيو ته آئون چاهيان ٿو ته شهيد جي ٻارڙن جي انٽر تائين تعليم جي ذميواري مون کي ڏني وڃي ته  جيئن آئون پنهنجي ذاتي خرچ تي شهيد جي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏياري سگهان ۽ ٻيو ته  آئون شهيد نصراللهﷲ گڏاڻي جي ٻچڙن جي لاءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي گهر ٺهرائي ڏيندس.ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ هيو ته  شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي تنهن ڪري پوليس کي سموريون ڪوششون وٺڻ گهرجن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.