ڪجهھ مهينا اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو هو ته اسان وٽ اهو اختيار ناهي ته اسين اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ روڪي سگهون اسان صرف اپيل ڪريون ٿا ته جن وٽ اختيار آهن غزه ۾ جنگ بند ڪن.مصر ۾ رفح ڪراسنگ جي دوري تي گڏيل قومن جي سربراهه اهو پڻ چيو هو ته هو غزه جي فلسطينين جو درد دنيا تائين پهچائڻ لاءِ رفح آيو آهي.هن اهو به چيو هو ته غزه ۾ انساني امداد جي هاڻي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، غزه جي سرحد تي امدادي ٽرڪن کي روڪڻ اخلاقي ڪمزوري آهي، اسرائيل کي گهرجي ته انساني امداد کي غزه تائين پهچڻ جي اجازت ڏئي.
پر اسرائيل پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي ڪيتريون انساني جانيون ڳڙڪائي ويو آهي.مظلوم فلسطينن جي نسل ڪشي تي پوري دنيا خاموش آهي انساني حقن جو تنظيمون توڙي ملڪ رڳو مذمتي بيان جاري ڪري رهيا آهن ڪو به هن بي لغام موت جي راڪاس اسرائيل کي روڪي نٿو. اچو ڏسون.ته فلسطين جو پسمنظر ڪهڙو آهي
1948ع جي جنگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسرائيل جي وجود کان اڳ هي علائقو انگريزن جي ”فلسطيني مينڊيٽ“ جو حصو رهيو آهي. پاڻ کي ياد رکڻ گهرجي ته فلسطين جو علائقو پهرين عالمي جنگ تائين عثمانيه سلطنت ۾ شامل هو. League of Nation ليگ آف نيشنز 1922ع ۾ پهرين عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي تڪرارن جي حل لاءِ قائم ڪئي وئي. ليگ آف نيشنز فلسطين کي برطانوي انتظاميا جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ’مينڊيٽ فلسطين‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ۽ غزا کي به ان ۾ شامل ڪيو ويو. بعد ۾ 1947ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ مينڊيٽ جي خاتمي کان اڳ فلسطيني علائقن کي عربن ۽ يهودين لاءِ هڪ الڳ اسرائيلي رياست ۾ ورهائڻ جو منصوبو منظور ڪيو ويو. ان منصوبي موجب غزا ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا عربن کي ڏنا ويا .برطانوي مينڊيٽ 15 مئي 1948ع تي ختم ٿي ويو ۽ ان ئي ڏينهن تي عرب ۽ اسرائيل ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جو وجود عمل ۾ آيو. هن جنگ جي شروعات ۾ غزا ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا عربن کي ڏنا ويا . پاڙيسري عرب ملڪ مصر جون فوجون 1948ع ۾ غزا ۾ داخل ٿيون سخت جنگ دوران عربن جي هٿن مان ڪيترائي علائقا وڃائڻ کان پوءِ ان جون حدون گهٽائي هڪ پٽي تائين محدود ڪيون ويون. جنهن کي غزا جي پٽي سڏيو وڃي ٿو، 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل غزا، ويسٽ بئنڪ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ اهي علائقا به حاصل ڪري ورتا. جن ۾ اوڀر يروشلم شامل آهي. فلسطيني انهن ٽنهي علائقن کي مستقبل ۾ پنهنجي تجويز ڪيل الڳ رياست جو حصو سمجهندا ايندا رهيا آهن. اسرائيل جي وجود لاءِ ٿيندڙ جنگ دوران فلسطينين جي وڏي انگ غزا ۾ پناهه ورتي. انهن پناهگير خاندانن جي آبادي لڳ ڀڳ 1.7 ملين تائين وڌي وئي آهي، جڏهن ته غزا جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ 2.1 ملين آهي. 1987ع ۾ غزا ۾ ”انتفاضه“ جي نالي سان پهرين مزاحمتي تحريڪ اڀري.
اسرائيل 7آڪٽوبر جي حماس جي حملي کانپوءِ غزه ۾َ گڏيل قتل ڪري رهيو آھي.پر ان قتل عام کي روڪرائڻ جي لاءِ دنيا ناڪام ٿي چڪي آھي.جڏهن ته اسرائيل جو قيام 1948ع ۾ بالفورڊ منصوبي جي تحت مذھب جي بنياد تي ئي ٿيو هو.پر اصل ۾ ان ريت جو قتل عام ان وقت جي سامراجي طاقتن امريڪا ۽ مغربي ملڪن دنيا جي هر خطي ۾َ پنهنجن مفادن ۽ پنهنجي موجودگي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي تاتيل هڪ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ھو ته جيئن دنيا جي ان خطي کي انهن جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي.
ڪالھه انصاف واري عالمي عدالت اسرائيل کي رفع ۾ فوجي آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي انصاف جي عالمي عدالت ۾ رفع ۾ اسرائيلي آپريشن روڪرائڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪا جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو آهي جنهن ۾ هن عالمي عدالت 2-13 جي اڪثريت سان پنهنجو فيصلو ٻڌايو آهي، هڪ درخواست تي فيصلو عالمي عدالت جي جسٽس نواف سلام پڙهيو فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج کي غزا جي علائقي رفع ۾ فوجي آپريشن ترت روڪڻو پوندو، غزا پٽي جا شهري انتهائي ڳڻتي جوڳي حالتن جو شڪار آهن. عدالتي فيصلي ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته اسرائيل رفع جي سرحد لنگهه کي فوري طور کولي. عدالت چيو ته رفع ۾ فوجي آپريشن سبب انتهائي افسوسناڪ انساني سانحو جنم وٺي سگهي ٿو. عالمي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل هڪ مهيني اندر غزا پٽي جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيل عالمي جاچ ٽيم جي ميمبرن کي غزا پٽي ۾ داخلا جي اجازت ڏئي. عدالت جو پنهنجي حڪم ۾ چوڻ هو ته اسرائيلي قدمن سبب فلسطيني عوام سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. عدالت چيو ته اسرائيل ڪيئي هفتن جي شديد بمباري کانپوءِ رفع ۾ زميني آپريشن شروع ڪيو، اسرائيل غزا مان نيڪالي لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيو. عدالت رفع ۾ لکين فلسطيني پناهه ورتي آهي، رفع ۾ اسرائيلي زميني آپريشن سبب اٺ لک فلسطيني بي گهر ٿيا. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عدالت جي گذريل حڪمن کانپوءِ هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي،
گڏيل قومن ڪيئي ڀيرا اسرائيلي آپريشن جي خطرن کان آگاهه ڪيو، گڏيل قومن طرفان نشاندهي ڪيل خطرا عملي صورت اختيار ڪرڻ لڳا آهن. انصاف جي عالمي عدالت اسرائيل کي غزه آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ڏکڻ آفريڪا پاران غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي فيصلو جاري ڪندي عالمي عدالت چيو ته عالمي صدر جج نواف اسلام ٻڌڻي هلائي. فيصلو جاري ڪندي عالمي عدالت چيو ته رفح ۾ لکين فلسطينين پناهه ورتل هئي. اسرائيل هڪ مهيني اندر هن حڪم تي عمل درآمد ڪري ۽ عدالت کي آگاهه ڪري. عالمي عدالت 2_13 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو آهي.
اسرائيل گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي غزه تائين وڃڻ جي اجازت ڏئي. رفح ۾ اسرائيلي آپريشن جي ڪري پناهه وٺندڙ فلسطينين کي سنگين خطرا آهن. اسرائيل عدالتي حڪمن کي مڃيندي رفح بارڊر کي فوري طور تي کولي.هاڻي ڏسجي ته عالمي عدالت جي هن فيصلي بعد ڇا اسرائيل ان تي عمل ڪندو يا اڃا به انساني جانين کي ڳڙڪائيندو رهندو ان فيصلي تي اسرائيل کي آمريڪا کي بيهاري سگهي ٿو ڇو ته آمريڪا پهرين ڏينهن کان اسرائيل جو هن جنگ ۾ حامي رهيو آهي جيڪڏهن عالمي عدالت جي فيصلي کان پوءِ به اسرائيل ان تي عمل نه ڪيو ته اها جنگ وڌي ٻين ملڪن تائين وڌي سگهي ٿي جنهن جا خطرات پڻ موجود آهن.
اسرائيل گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن کي غزه تائين وڃڻ جي اجازت ڏئي. رفح ۾ اسرائيلي آپريشن جي ڪري پناهه وٺندڙ فلسطينين کي سنگين خطرا آهن. اسرائيل عدالتي حڪمن کي مڃيندي رفح بارڊر کي فوري طور تي کولي.هاڻي ڏسجي ته عالمي عدالت جي هن فيصلي بعد ڇا اسرائيل ان تي عمل ڪندو يا اڃا به انساني جانين کي ڳڙڪائيندو رهندو ان فيصلي تي اسرائيل کي آمريڪا کي بيهاري سگهي ٿو ڇو ته آمريڪا پهرين ڏينهن کان اسرائيل جو هن جنگ ۾ حامي رهيو آهي جيڪڏهن عالمي عدالت جي فيصلي کان پوءِ به اسرائيل ان تي عمل نه ڪيو ته اها جنگ وڌي ٻين ملڪن تائين وڌي سگهي ٿي جنهن جا خطرات پڻ موجود آهن.