ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار. ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب سنڌ حڪومت نصرالله جي زندگي بچائڻ لاءِ وڏا اپاءَ ورتا، پر اهو الله کي پيارو ٿي ويو. سنڌ حڪومت نصرالله کي رحيم يار خان کان ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو پر هو جيڪو صحتياب نه ٿي سگهيو. بيان موجب اسان نصرالله، سندس خاندان ۽ اداري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سنڌ جي وڏي وزير نصرالله جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو،